سي ٽي ڊي سنڌ ڳجهي اداري سان گڏ گڏيل ڪارروائي ڪندي سکر ۾ ڪچي جي علائقي جي ڌاڙيلن کي غيرقانوني هٿيار ڏيڻ ۾ ملوث 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي موجب جوابدار نه صرف ڌاڙيلن کي هٿيار فراهم ڪندا هئا پر پابندي مڙهيل ۽ غيرقانوني هٿيارن جي ڊيلرز کي به سپلاءِ ڏيندا هئا. گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي هڪ گاڏي ۽ وڏي مقدار ۾ غيرقانوني هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن ٻئي پاسي ڪراچي ۾ پوليس ناظم آباد جي علائقي ۾ ڪارروائي جي دوران اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار شهرين کان وبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث هئا. پوليس موجب لياري جي علائقي ڪالاڪوٽ ۾ پوليس موٽر سائيڪل چور کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارکان چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي جڏهن ته انهن جي ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي. پوليس، سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته شهر ۽ اندرون سنڌ ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
