شڪارپور ڀرسان رستم ڪوٽ شاهو جي علائقي ۾ بڊاڻي جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جيڪو ڏاڍي شدت اختيار ڪري ويو. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ نوجوان صوبل بڊاڻي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف جي فضا ڇانئجي وئي، جڏهن تہ مقتول جي گهر ۾ غم ۽ سوڳ جا منظر ڏسڻ ۾ آيا. مقامي ماڻهن موجب ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ڪيترائي ڀيرا ڳوٺ جي ماحول کي تڪراري بڻائي چڪو آهي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس مقتول جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ ذميوارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
