پاڪستان 3 ون ڊي ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي. ويسٽ انڊيز 280 رنسون ٺاهيندي پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 281 رنسن جو حدف ڏنو هو پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز جي ٽيم 49 اوورز ۾ 280 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ايون لوئنس 60 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيو. جڏهن ته ڪپتان شاني هوپ 55 ۽ روسٽن چيز 53 رنسن جي اننگز کيڏي. ويسٽ انڊيز جي رتهر فورڊ 10، گڊا ڪيس موتي، 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته شييمار جوزف 8 ۽ شفيرڊ 4 رنسون ٺاهي سگهي ائين ويسٽ جي انڊيز جي سموري ٽيم 49 اوورز ۾ 280 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، نسيم شاهه 3 ۽ صائم ايوب، سفيان مقيم ۽ سلمان آغا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي حدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان اعتماد سان بيٽنگ ڪندي 281 رنسن جو حدف 49هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڊيبيو ڪندڙ حسن نواز شاندار پرفارمنس ڏيکاريندي 63 رنسون ٺاهيون جڏهن ته حسين طلعت 41 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو ميچ کان اڳ ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيمه حسن نواز کي ون ڊي ڊيبيو ڪيپ ڏني، جنهن تي ساٿي رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف انهي کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪيون پاڪستان جي شروعاتي اليون ۾ عبدالله شفيق، صائم ايوب، بابر اعظم، محمد رضوان، سلمان آغا، حسن نواز، حسين طلعت، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ سفيان مقيم شامل هو. پاڪستان هاڻ ٽن ميچز جي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي کان اڳيان آهي، ٻيون ون ڊي کٽي گرين شرٽس کي سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ جو موقعو ملندو.
