سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي صحت بابت ڄاڻي واڻي مونجهارو پيدا ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد پارٽي اندر اختلاف پيدا ڪرڻ آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا ناصر عباس چيو ته هو گهرو وزير محسن نقوي جي سسٽم ڪِرڻ واري ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا، پر ان لاءِ تجويز ڪيل طريقو درست ناهي.
هن چيو ته هو ملڪ ۾ عوام جي حقيقي نمائنده حڪومت جو قيام چاهين ٿا. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي بابت سندس چوڻ هو ته هو ان جا سبب ڄاڻي ٿو.
راجا ناصر عباس ٻڌايو ته عمران خان سان ڳالهين لاءِ اڊيالا جيل وڃڻ کان اڳ خيبرپختونخوا هائوس ۾ اجلاس ٿيو هو. سندس مطابق جيل پهچڻ کان پوءِ عمران خان پاڻ ڳالهه ٻولهه شروع ڪندي چيو ته هو نه بني گالا ويندو ۽ نه ئي ڪنهن ڊيل جو حصو بڻجندو.
هن چيو ته عمران خان عزت ۽ وقار سان ٻاهر اچڻ چاهي ٿو ۽ سندس ڀروسو الله تعاليٰ تي آهي، کيس اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان ڪا اميد ناهي.مخالف ڌر جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته کين روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن هن ڀيري روڊن تي آيا ته هو پاڻ سڀ کان اڳيان هوندا.راجا ناصر عباس چيو ته هو موجوده حڪومت کي قانوني طور تسليم نٿا ڪن، ان ڪري وزيراعظم هائوس يا اسپيڪر آفيس ۾ وڃي ڳالهين ذريعي حڪومت کي قانوني جواز فراهم ڪرڻ نٿا چاهين.هن وڌيڪ چيو ته سندس عمران خان سان عهد آهي ته هو مرڻ گهڙي تائين ساڻس گڏ رهندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ۽ عوام جي وچ ۾ ڪو ٽيون ڌر موجود ناهي.
