ڊاڪٽر نگهت شاه کي رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ 3 ساله ملازمت ۾ واڌ

اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر نگهت شاهه کي سنڌ حڪومت رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ 3 سالن لاءِ ٻيهر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ڊاڪٽر نگهت شاهه 12 آگسٽ تي 60 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيڻ واري هئي. سنڌ ڪابينا سندس ٽن سالن جي ٻيهر مقرري جي منظوري ڏني، جڏهن ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پنجن ايسوسيئيٽ پروفيسرن جي ترقي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
محڪمه يونيورسٽيز اينڊ بورڊز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي فيصلي تي فوري عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي. اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو وسيع تر عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي