پاڪستان جي اهم وزارتن ۽ کاتن تي شديد سائبر حملي جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ 39 وزارتن ۽ اهم ادارن کي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. خطري ۾ مستقل ڊيٽا جو نقصان، ڪاروباري نظام جو جام ٿي وڃڻ ۽ حساس ڄاڻ ليڪ ٿيڻ شامل آهي نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم (CERT) “بلو لاڪر” رينسم ويئر بابت ايڊوائزري جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته هي خطرناڪ سائبر حملو ونڊوز تي ٻڌل ڊيسڪ ٽاپ، ليپ ٽاپ، سرورز، نيٽ ورڪ ۽ ڪلائوڊ اسٽوريج کي نشانو بڻائي سگهي ٿو نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي، اين آءِ ٽي بي، پيمرا، اين ڊي ايم اي، اوگرا ۽ ايف بي آر سميت ڪيترن ئي ادارن کي خط اماڻيا ويا آهن. ايڊوائزري موجب “بلو لاڪر” ٽروجنائزڊ ڊائون لوڊز، فشنگ اي ميلز، غير محفوظ فائل شيئرنگ پليٽ فارمز ۽ بيڪ ٿيل ويب سائيٽن ذريعي پکڙجي رهيو آهي ايڊوائزري ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ونڊوز ڪمپيوٽر، اي ميل ۽ ويب سيڪيورٽي کي مضبوط ڪيو وڃي آف لائن ۽ محفوظ بيڪ اپ رکيا وڃن غير تصديق ٿيل ذريعن کان مواد ڊائون لوڊ نه ڪيو وڃي ملازمن کي سائبر سيڪيورٽي جي تربيتي پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي CERT خبردار ڪيو آهي ته “بلو لاڪر” اينٽي وائرس کي غير فعال ڪري، پوري نيٽ ورڪ ۾ پکڙجي، فائلز لاڪ ڪري ۽ تاوان طلب ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته حساس ڊيٽا به چوري ڪري سگهي ٿو
