ڳڙهي ياسين ۾ زمين جي تڪرار تان خونريز جهيڙو: هڪ قتل، پنج زخمي

ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪي ۽ قبضي جي معاملي تان بروهي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ خونريز جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ هڪ مزدور مارجي ويو ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاعن موجب، پيرزادو باغ واري علائقي ۾ علي حسن بروهي ۽ سڄڻ جتوئي جي ڌرين وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ٿي، جنهن ۾ جتوئي برادري جا شهپر جتوئي ۽ محمد سومر جتوئي زخمي ٿيا، جڏهن ته بروهي برادري جا ٽي ماڻهو زخمي ۽ مزدور محبت ناريجو موقعي تي فوت ٿي ويو واقعي جي اطلاع تي ڳڙهي ياسين پوليس فوري طور تي پهچي فائرنگ روڪائي ۽ وڌيڪ جاني نقصان کان بچايو. پوليس ٻڌايو ته واقعي کان اڳ علي حسن بروهي زمين تي قبضي بابت ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي زخمين کي اسپتال منتقل ڪري علاج هيٺ آندو ويو، جڏهن ته فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جاچ جاري آهي ۽ علائقي جي صورتحال تي سخت نظر رکي پئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو