جهيڙي جو دردناڪ انجام: ڏوڪري ۾ هڪ شخص قتل

ڏوڪري شهر جي فارم ڪالوني ۾ هڪ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي ۾ هڪ شخص مارجي ويو آهي. پوليس مطابق، خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين صمد خاصخيلي ۽ جاويد خاصخيلي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو جهيڙي دوران صمد خاصخيلي پنهنجي مخالف جاويد خاصخيلي تي بيلچي سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جاويد خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو. کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخم جي سورن سبب فوت ٿي ويو فوت ٿي ويل شخص جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو