دردناڪ حادثو: دنيور ۾ مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 8 مقامي رضاڪار فوت

گلگت بلتستان جي دنيور وادي ۾ هڪ دل ڏاريندڙ حادثي ۾ 8 مقامي رضاڪار مٽيءَ جي ڇپ هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا. هي رضاڪار ٻوڏ جي ڪري خراب ٿيل پاڻي جي چينل جي مرمت جو ڪم ڪري رهيا هئا ته اوچتو اهو سانحو پيش آيو پوليس جي ذريعن موجب، پاڻي جي چينل جي مرمت دوران مٽيءَ جو هڪ وڏو ٽڪرو ڪري پيو، جنهن جي هيٺان ڪيترائي ماڻهو ڦاسي پيا. اسپتال جي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته سڀئي فوت ٿيل ماڻهو مقامي رضاڪار هئا. حادثي ۾ 3 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ماڻهن کي ڳولڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهو به ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن ضلعي انتظاميا واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي موسمياتي تبديليون ۽ ان جا اثرصوبائي حڪومت جي ترجمان موجب، گلگت بلتستان ۾ موسمياتي تبديلين سبب گليشيئر تيزي سان پگھري رهيا آهن. ان جي نتيجي ۾ مختلف نالن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو وڌي ويو آهي. تازو ئي شيشپر نالي ۾ ٻوڏ آئي، جنهن ڪري ڀرپاسي جي زمينن، باغن ۽ وڻن کي سخت نقصان پهتو. ان کان علاوه، قراقرم هاءِ وي جو هڪ حصو به متاثر ٿيو آهي، جنهن ڪري شاهراهه هنزه کي ٻيهر بند ڪيو ويو آهي ٽريفڪ کي متبادل رستي نگر روڊ تان هلايو پيو وڃي. اختيارين وڌيڪ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو