بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد افضل باقي ۽ سندس پٽ کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هو پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ زيارت جي هڪ تفريحي هنڌ زرزري ۾ موجود هو ڊپٽي ڪمشنر زيارت جي مطابق، هٿياربندن شروعات ۾ افضل باقي، سندس پٽ، گن مين ۽ ڊرائيور کي سرڪاري گاڏي سميت اغوا ڪيو. پر ڪجهه فاصلي تي وڃي هنن گن مين ۽ ڊرائيور کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اغوا ڪندڙن سرڪاري گاڏي کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ افضل باقي ۽ سندس پٽ کي خليفات مائونٽين طرف کڻي ويا ريسکيو آپريشن ۽ حڪومتي ڪارروائي واقعي جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز ۽ ليويز اهلڪارن فوري طور تي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياريو آهي ته اغوا ٿيل پيءُ ۽ پٽ جي محفوظ واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي هي بلوچستان ۾ ٻن مهينن کان گهٽ وقت ۾ ڪنهن اسسٽنٽ ڪمشنر جي اغوا جو ٻيو واقعو آهي، جنهن تي مقامي ماڻهن سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ان واقعي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به گروپ قبول نه ڪئي آهي.
