ڏورڻوڪ واقعو: ليڊي ڊاڪٽرن تي ٻارڙي جي ٽنگ ٽوڙڻ جو الزام

لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي ڊليوري دوران هڪ نئين ڄاول ٻارڙي جي ٽن هنڌن تان ٽنگ ٽٽي پئي آهي. ٻارڙي جي گهرڀاتين ليڊي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف تي سخت لاپرواهي ۽ نااهلي جو الزام هنيو آهي ڳوٺ کوڙو جي رهواسڻ شاهه بانو کي گذريل رات اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن جي ڊليوري دوران ڊاڪٽرن مبينه طور ٻارڙي جي ٽنگ کي ٻن هنڌن تان ٽوڙي ڇڏيو ۽ هڪ هنڌ کان ڪڍي ڇڏيو آهي. گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي ايڪس ري رپورٽ ۾ پڻ ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مختيار ڌامراهه واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته هو اسپتال انتظاميا کان جواب طلب ڪري چڪو آهي. هن يقين ڏياريو آهي ته ڊاڪٽرن جو جواب اچڻ کانپوءِ پروفيسرن تي ٻڌل هڪ تحقيقاتي ٽيم ٺاهي ويندي، جيڪا وڌيڪ جاچ ڪندي ۽ ان معاملي تي قانون موجب ڪارروائي ڪندي.

پنھنجي راءِ لکو