برسات سبب متاثر ٿيل ٻئين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز 5 وڪيٽن تان فتح حاصل ڪري پاڪستان خلاف سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي آهي ٽرينيڊاد ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پاڪستان کي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان جي ٽيم ۾ ٽي تبديليون ڪيون ويون هيون، جن ۾ حسن علي، محمد نواز ۽ محمد ابرار کي شامل ڪيو ويو هو ميچ دوران ٽي دفعا برسات پيئي، جنهن ڪري ميچ کي 37 اوورن تائين محدود ڪيو ويو. پاڪستان 37 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون. اننگز ۾ حسن نواز 36، حسين طلعت 31، عبدالله شفيق 26 ۽ صائم ايوب 23 رنسون ٺاهي سگهيا. ويسٽ انڊيز لاءِ جيڊن سيلز 3 وڪيٽون ورتيون ڊڪ ورٿ لوئس قانون موجب، ويسٽ انڊيز کي 35 اوورن ۾ 181 رنسن جو هدف مليو. ميزبان ٽيم اهو هدف 34 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. روسٽن چيز 49 ۽ رٿرفورڊ 45 رنسون ٺاهيون. پاڪستان لاءِ حسن علي ۽ محمد نواز ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون هن سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏني هئي. هاڻي سيريز 1-1 سان برابر آهي. ٽئين ۽ فيصلو ڪن ميچ اڱاري تي کيڏيو ويندو.
