انڊس سوشل ڪلب ء لطيفي سنگت عمان پاران جشن آزادي پاڪستان ء مذهبي اقليتن جي ڏهاڙي 11 آگسٽ جي منابست سان عمان جي شهر مسقط ۾ هڪ پروقار تقريب جو احتمام ڪيو ويو جنهن جو مهمان خاص پاڪستان جو صفير ڊاڪٽر نويد صفدر بخاري هو انهي کان علاوه ايمبيسي جي آفيسرن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻين مهمانن ۾ سيد فياض علي شاھ، ميان محمد رياض، حاجي اقڀال هرياني، چوڌري شڪور، راجه اخمت حيات، ميان منير ، علي اشفاق منگي، ڊاڪٽر شرف عطااالله شاھ، ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو، عمران تور، فرحان جيلاني، آفتاب گيلاني، سمر احمد ڀٽو، رفيق تنيو، اختر حسين سومرو، عاصم ميمڻ، عارف محمود شيخ، ان کان علاوه هندو ڪميونٽي مان ڊاڪٽر وڪرم وانڪواڻي، ڊاڪٽر راڪيش ڪمار، ڊاڪٽر ديوي داس، ڊاڪٽر پريمچند، انجنيئر دليپ ڪمار ، مسٽر سنديپ ڪمار ء ڪرسچن ڪميونٽي مان زيرش ڊينئيل ، آصف ڊيوڊ ، وليم جان سميت پاڪستاني ڪميونٽي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هي پروگرام پارڪ ويو ريڊيسن هوٽل مسقط ۾ ٿيو پروگرام جي شروعات تلاوت سان ڪئي وئي جنهن جو شرف محترم عثمان لکڻ ڪيو ، گائتري منتر لاء ڊاڪٽر وڪرم وانڪواڻي ، ڪرسچن دعا لاء زيرش ڊينيل ڪئي وئي ـ ان کان پوء عمان ء پاڪستان جو قومي ترانو پيش ڪيو ويو ، ايمبيسيڊر ڊاڪٽر صفدر نويد بخاري صاحب ، سيد فياض شاھ صاحب ء عثمان لکڻ صاحب کي لونگي جو تحفو پارايو ويو ان کان پوء آجياڻي تقرير ڊاڪٽر دليپ ڪمار پاران ڪئي وئي ان دوران پاڪستان جي فائونڊر قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ تي ڪيل اهم تقرير کي پروگرام ۾ هلايو ويو جنهن ۾ قائد ااعظم محمد علي جباح اهو چيو ته پاڪستان ۾ سڀ مذهب جا ماڻهون مذبي طور آزاد هوندا ، ڊاڪٽر دليپ ڪمار خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اوورسيز پاڪستاني جي حيثيت ۾ هتي سڀ اقليت ۾ آهيون ان ڳالھ جو احساس هجڻ کجي ء اڪثريت تي اهو فرض هجي ٿو ته اهي اقليت جو خيال رکن اهڙي طرح مذهبي اڪثريت تي ب فرض آهي ت اهي مذهبي اقليتن جي جان، مال ، عقيدي جو خيال رکن ، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جون مذهبي اقليتون ملڪ جي ترقي ۾ ريڙھ جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون ء هر شعبي ۾ انهن ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪيو آهي اسان جي خواهش ء ڪوشش آهي ت ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچارو هجي ء ملڪ ترقي ڪري ان لاء هاڻي وقت اچي ويو آهي ت سڀ عقيدن جا ماڻهون گڏجي ملڪ جي ترقي ء قوم جي ترقي لاء عملي قدم کڻن ان موقعي ت پاڪستان جي آرمي کي ب خراج تحسين پيش ڪيو ويو جنهن پنهنجي قابليت سان قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو آهي ان موقعي تي ايڊووڪيٽ علي اشفاق منگي ، ڊاڪٽر شرف عطاالله شاھ ، راجه اخمت حيات ء آخر ۾ پروگرام جي مهمان خاص ايمبيسيڊر آف پاڪستان ڊاڪٽر نويد صفدر بخاري خطاب ڪيو جنهن چيو ت جشن آزادي اسان لاء نعمت آهي ء اسان کي ملڪ جي ترقي لاء گهڻو ڪجھ ڪرڻو آهي ان کان علاوه مذهبي اقليتن جي حوالي چيو ت پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ مذهبي اقليتون برابر جو شهري آهن انهن جو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي ان لاء سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي ام ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آخر ۾ جشن آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ، هن پروگرام جي ڪمپيرنگ محترم برڪت شيخ صاحب ڪئي ء ٽيڪنيڪلي سائيڊ تي چيتن بالاچ ڪم سرانجام ڏنو آخر ۾ ووٽ آف ٿينڪس پروفيسر احمد نواز هڪڙو صاحب ڪيو جنهن سڀبي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ـ هن پروگرام جا آرگنائيزر ڊاڪٽر دليپ ڪمار ، محترم عثمان لکڻ ، آصم صديقي هئا ـ آخر ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو ء گروپ فوٽوگرافي ڪئي وئي.
