بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته وڌيڪ 3 خوارج مارجي ويا آهن آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 7 کان 9 آگسٽ تي زوب جي علائقي سمبازه ۾ ڪارروايون ڪيون، انهي آپريشن جي دوران وڌيڪ 3 ڀارتي حمايت يافته خوارج مارجي ويا آهن آءِ ايس پي آر موجب 7 کان 9 آگسٽ تي زوب ۾ ڪارروائين جي دوران 47 خوارج مارجي ويا هئا. جڏهن ته 4 ڏينهن جي آپريشن ۾ مارجي ويل خوارج جو گڏيل انگ هاڻ 50 ٿي ويو آهي. خوارج کان هٿيار، بارود، ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي تحفظ ۽ امن، استحڪام جي لاءِ پرعزم آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪي ترقي کي ٽوڙڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
