سيبس يونيورسٽي ڄامشورو طرفان جشن آزادي ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات

شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشوري ۾پاڪستان جي 78 هين جشن آزادي ۽ آپريشن بنيانُ المرصوص، معرڪهءِ حق جي ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾ وڏي پيماني تي وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي وڻڪاري مهم جو افتتاح وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀُٽو پاڻ پهريون ٻوٽو پوکي ڪيو. وڻڪاري مهم جو مقصد ماحولياتي آلودگي گهٽائڻ، سرسبز مستقبل ۽ قومي فخر کي هٿي ڏيڻ آهي. وڻڪاري مهم يونيورسٽي جي “سرسبز ڪيمپس، سرسبز پاڪستان” جو تسلسل آهي وڻڪاري مهم سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي هارٽيڪلچر انچارج، محمد يوسف سومري جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ڪئي وئي. مهم دوران مختلف مقامي ۽ ٻاهريان ٻوٽا پوکيا ويا جن ۾ انب، چڪو، زيتون، ڄمون، گريپ فروٽ، ليمون ۽ توت شامل آهن. وڻڪاري مهم جي موقعي تي فئڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ عملي ڀرپور جذبي سان شرڪت ڪئي، جيڪو نه صرف حب الوطني جو اظهار هو پر ماحولياتي تحفظ لاءِ عزم جو به اظهاري هو.

پنھنجي راءِ لکو