راجستان ۾ ياترين جي گاڏي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، 11 ڄڻا فوت

ڀارتي رياست راجستان ۾ ياترين جي گاڏي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ڀارتي ميڊيا موجب راجستان جي شهر دائوسا ۾ ياترين کي کڻي ويندڙ پڪ اپ گاڏ بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ٻارن ۽ 3 عورتن سميت 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا رپورٽ موجب حادثو اربع جي صبح 4 وڳي پيش آيو، حادثي ۾ 9 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڀارتي ميڊيا موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ياتري اتر پرديش جا رهواسي هئا جيڪي سالاسر بالا جي مندر مان ٻن پڪ اپ وينز ۾ واپس اچي رهيا هئا جنهن دوران هڪ وين کي حادثو پيش آيو جنهن دوران 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پنھنجي راءِ لکو