ڪراچي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ اڄ نيو ڪراچي پهچي ڪجھ ڏينھن اڳ راشد منهاس روڊ تي ٽينڪر حادثي ۾ فوت ٿيندڙ معصوم ڀيڻ ڀاءُ ماھ نور ۽ احمد رضا جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو سيد زين شاھ ماھ نور ۽ احمد رضا جي والد کان حادثي جا تفصيل ورتا ۽ انصاف ٿيڻ تائين مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ جو چوڻ هو تہ هي ڪو پهريون واقعو ناهي جنهن ۾ معصوم جانيون ظايع ٿيون آهن پر لڳاتار ڪيتري عرصي کان هيوي ٽريلر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ معصوم جانين سان کيڏي رهيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه تہ اها آهي تہ سنڌ حڪومت جيڪا گذريل 18 سالن کان هن صوبي جي گورننس هلائي رهي آهي انهن وٽ انساني جانين بچائڻ جو ڪوبه پلان ڪونهي سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سموري دنيا ۾ جيڪي ميٽروپوليٽن شهر هوندا آهن انهن جو خاص ٽريفڪ پلان هوندو آهي جيئن حادثن کان بچي سگهجي پر ڪراچي ۾ اهڙو ڪو بہ سسٽم ڪونهي. اربين رپين جي بچٽ صرف حڪمران پنهنجي عياشين ۾ خرچ ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو ٽريفڪ پوليس ڊپارٽمينٽ ڪڏهن نمبر پليٽن جي چڪر ۾ ڪڏهن ڊجيٽل ڪارڊ جي صورت ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن پر وٽن ٽريفڪ جو نظام درست ڪرڻ لاءِ ڪو بہ جامع پلان ڪونهي سيد زين شاھ ڪراچي ٽريفڪ حادثي جي شفاف جاچ ڪري ملوث ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ منير نائچ، جڳديش آھوجا ،ڊاڪٽر علي نواز گبول، فتح خاصخيلي ،ستار ڏاهري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
