خيرپور: جشن آزادي جي موقعي تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ تقريب منعقد، قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو

خيرپور ۾ جشن آزادي جي موقعي تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب کان اڳ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ طرفان قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ جو چوڻ هو ته آزاد اسان کي سولي طرح سان نه ملي هئي، ان جي پٺيان وڏيون قربانيون آهن جيڪي اسان مٿان قرض آهن ۽ اهو قرض ايندڙ نسل کي خوبصورت پاڪستان ڏئي لاهڻو آهي ھن چيو ته لکين خوابن جون قربانيون ۽ ڪروڙين دلين جون دعائون هن مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ شامل آهن تڏهن وڃي هي ملڪ آزاد ٿيو آهي ھن چيو ته هن ملڪ جي حفاظت ۽ بقا لاءِ اسان جي فورسز طرفان ڏنل قربانين کي به ڪنهن صورت ۾ فراموش نٿو ڪري سگهجي تازو اسان جي ملڪ جي فوج دشمن ملڪ کي اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏنو جو دنيا مثال ڏئي رهي آهي تنهنڪري اسان کي پنهنجي فورسز جي بهادري ۽ بي بيباڪي تي فخر آهي تقريب ۾ يونيورسٽي جي استادن، ملازمن، شاگردن ۽ ماڊل اسڪول جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي

پنھنجي راءِ لکو