سموري ملڪ جيان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به جشن آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي واري تقريبن دوران مختلف هنڌن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، مختلف هنڌن تي ريليون ڪڍي پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳايا ويا.، سرڪاري آفيسن ۾ قومي پرچم ڦڙڪائڻ کان علاوه ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو حيدرآباد ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي مُک تقريب سرڪٽ هائوس ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، ڪمشنر حيدرآباد ياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر حيدر آباد زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو سميت شهر جي مک آفيسرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب دوارن پاڪستان جو پرچم ڦڙڪايو ويو، قومي تراني تي سلامي ڏني وئي، پوليس جي دستي پاران پڻ پاڪستاني پرچم کي سلامي ڏني وئي، ڪمشنر حيدرآباد ڳالھائيندي چيو ته هي ملڪ وڏن جي قربانين جي نتيجي ۾ ازاد ٿيو آهي، ملڪ جي ترقيءَ لاء اسان کي سموريون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺڻو پوندو ، ملڪ کي ھڪ قوم جي ضرورت آھي ڪراچي ۾ 78هين يوم آزادي جي موقعي تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ معرڪه حق تقريب منعقد ڪئي. تقريب ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. تقريب ۾ راحت فتح علي خان، سجاد علي، حدقيه ڪياني، عاطف اسلم ۽ ڪيفي خليل سميت مشهور گلوڪارن جي پرفارمنس تي شوقين جهومي اٿيا انهي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مئي ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو پاڪستان اهڙو جواب ڏنو جو ڀارت دنيا جي سامهون گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويو. مراد علي شاهه چيو ته اسان چاهيون ها ته جنگ جاري رکي ڀارت کي وڌيڪ مزو چکائي سگهياسين ٿي پر اسان امن پسند آهيون انهي لاءِ دنيا جي ڳالهه مڃي ۽ جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌ صوبو آهي، سنڌ صوبو جشن آزادي جي تقريبن ۾ به اڳيان آهي جشن آزادي جي موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ته اسان معرڪه حق کان پوءِ معرڪه معيشت ۾ ڪاميابي ماڻي رهيا آهيون. ڪامران ٽيسوري چيو ته اسان هي ملڪ ڪلمي جي نالي تي حاصل ڪيو آهي انشاءَالله هي ملڪ قيامت تائين سلامت رهندو. اسان جو ارادو آهي ته ملڪ جي وڌ کان وڌ خدمت ڪندا رهون سکر ۾ به پاڪستان جي 78 هين جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش جذبي سان ملهايو ويو، جنهن ۾ مهمان خصوصي ترجمان سنڌ حڪومت ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ سميت ڪشمنر سکر ڊويزن عابد حسين قريشي، ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ، ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان، ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل، ميونسپل ڪمشنر علي رضا انصاري ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڄامشورو ۾ المنظر تي ضلعي انتظاميه پاران معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ قومي ترانو، ملي نغما ۽ حب الوطني سان ڀرپور تقريرون پيش ڪيون ويون. ان موقعي تي پاڪستان جي 78هين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. زبردست آتشبازي ڪئي وئي ۽ فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اسد سڪندر، سنڌ اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري، ايس ايس پي ڄامشورو، محمد ظفر صديق ڇانگا، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سهيل احمد شورو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نورالدين هنڱورجو، ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر پير منظور احمد ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس جا نمائندا ضلعي جي مختلف کاتن جا آفيسر ۽ ڄامشورو واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جيڪب آباد ۾ آزادي واري ڏهاڙي تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي مک تقريب ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿئي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ڊپٽي ڪمشنر نواب ثمير لغاري ،ايس ايس پي محمد ڪليم ميونسپل چيئرمين غلام عباس جکراڻي پاران قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي پيش ڪئي تقريب ۾ اقليتي برادري جي ماڻهن سميت مختلف سياسي سماجي مذھبي ڪاروباري سرڪاري ملازمن شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي عام شهرين شرڪت ڪئي ڪنڊيارو ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو، ٽائون ڪاميٽي ۾ جشن آزادي جي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ٽائون ڪميٽي چيئرمين، ٽائون آفيسر پاران جهنڊو ڦڙڪايو ويو فيض گنج ۾ يوم آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو. پڪا چانگ، اڪري، ڀنگو بهڻ، ڪوٽ لعلو ڪرونڊي ۾ صبح جو اسڪولن اندر قومي تراني سان ڏينهن جي شروعات ڪئي وئي سانگهڙ ۾ به جشن آزادي جي تقريب ملهائي وئي انهي حوالي سان مُک تقريب پوليس لائين ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سائره جاويد ۽ ايس ايس پي عابد علي بلوچ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تلهار ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٽائون ڪميٽي طرفان قومي جهنڊي کي سلامي ڏيڻ جي پروقار ٿي گذري جنهن ۾ ٽائون چيئرمين اسسٽنٽ ڪمشنر، ايس ايڇ او تلهار سميت مختلف کاتن جي آفيسرن ٽائون ڪائونسلرن شرڪت ڪئي سڪرنڊ ۾ موٽر وي پوليس پاران 14 آگسٽ تي پاڪستان جو 78هين آزادي جي ڏهاڙي حوالي سان معرڪه حق جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. آءِ جي موٽر وي پوليس ريجنل ڪمانڊر ۽ زونل ڪمانڊر اصغر يوسفزئي جي خاص هدايتن تي شاندار تقريب جوش جذبي سان ملهائي وئي مٽياري ضلعي ۾ جشنِ آزادي ۽ معرڪوءِ حق جي مرڪزي تقريب ڊي سي آفيس ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ، ايس ايس پي اعجاز ميمڻ، چيئرمين ضلع ڪائونسل مخدوم محمد احمد زمان، اي ڊي سي ون نور محمد کُرو، اي ڊي سي ٽو اقرا جنت سميت ضلعي جي آفيسرن، استادن، وڪيلن، صحافين، شاگردن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي گهوٽڪي جي مختلف شهرن ۾ به جشن آزادي زور شور سان ملهاي وئي، تعلقي اوٻاوڙو جي سينٽرل پبلڪ اسڪول پاران ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ 2 هزار فٽ جو وڏو جهنڊو تيار ڪيو ويو. ميرواهه گورچاڻي ۾ به جشن آزادي جي مک تقريب گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شجاع آزاد، مهوش اعجاز، ٽائون چيئرمين حاجي احسان الحق آرائين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين شرڪت ڪئي ٻانڌي ۾ به جشن آزادي جي حوالي سان مري اتحاد پاران ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽنڊو غلام حيدر ۾ به پاڪستان جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن جشن آزادي جي مک تقريب جي شروعات ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو غلام حيدر ۾ ٿي گذري جنهن ۾ شهرين ٽائون آفيسر، ٽائون چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڄام صاحب ۾ جشن آزادي جي حوالي سان سني تحريڪ پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي نئون ديرو ۾ پاڪستان جو 78هون يوم آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش جذبي سان ملهايو ويو. ميونسپل ڪميٽي نئون ديرو ۾ قومي پرچم ڦڙڪائي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ٽائون چيئرمين، وائيس چيئرمين، پ پ اڳواڻن سميت سياسي سماجي، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٺري ميرواهه ۾ به جشن آزادي جو ڏهاڙو شاندار جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. جشن آزادي جي مک تقريب اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ٺري ميرواهه ۽ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺري مير واهه ۾ منعقد ڪئي وئي مدئجي جي پرائمري گرلس اسڪول 2 ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جي پرمسرت موقعي تي اسڪول جي پرنسپال ميڊم ساجده ميمڻ طرفان پروقار تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ اسڪول جي معصوم شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. دودا پور ۾ به جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين، صحافين پاران قومي جهنڊن سان گڏ پاڪستان زنده آباد ۽ پوليو کان آزاد سنڌ جي عنوان هيٺ ريلي ڪڍي وئي محرابپور ٽائون ڪاميٽي ۾ يوم آزادي جي موقعي تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي محرابپور جي چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. قاضي احمد ۾ به 78هين آزادي واري ڏهاڙي جي حُالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر چوڌري محمد ارسلان، ڊي ايس پي جاويد احمد لاکير ۽ سموري اسٽاپ شرڪت ڪئي دادو ۾ جشن آزادي جي مک تقريب پي سي بي گرائونڊ تي معقد ڪئي وئي، جشن آزادي جي رنگا رنگ مک تقريب ضلعي انتظاميه طرفان ملهائي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضيٰ علي شاهه، ايس ايس پي رٽائرڊ ڪيپٽن امير سعود مگسي، سياسي، سماجي، واپارين، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهي کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن جنهن ۾ پنگريو، گمبٽ، تنگواڻي، بدين، نيو سعيدآباد، کهڙا، هالا، لاڙڪاڻو، خيرپور، خيرپورناٿن شاهه، شڪارپور نئون ڪوٽ، مٺي، ڇور، ميرپورخاص، سامارو، ڪنري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊوڄام، نوابشاهه، سجاول، ٺٽو، نوشهروفيروز، قمبر شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو، ڳڙهي ياسين، مسڻ وڏي، مسو ڀرڳڙي ۽ ٻين شهرن ۾ به پاڪستان جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ڪيون ويون، تقريبن ۾ اسڪولن جي شاگردن طرفان ريليون ڪڍي پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا ويا. جڏهن ته مختلف سرڪاري آفيسن ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ کان علاوه ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون.
