سموري ملڪ ۾ اڄ 78هون يوم آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سموري ملڪ ۾ اڄ 78هون يوم آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڏينهن جي شروعات تي توپن جي سلامي ڏني وئي، فجر جي نماز ۾ ملڪ جي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون پاڪستان جي 78هين يوم آزادي جي سموري قوم کي مبارڪ هجي! رات جا 12 وڄندي ئي سموري ملڪ ۾ جشن شروع ٿي ويو، ڀارت جي خلاف تاريخي فتح ۽ آزادي جي جشن جي موقعي تي ملڪ جي هر شهر، هر گهٽي، پاڙو، سائي جهنڊي جي رنگن ۾ رڱجي ويو ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئٽه، ملتان سميت ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ چراغان ۽ آتش بازي جو مظاهرو ڪيو ويو. يوم آزادي ملهائڻ لاءِ شهري روڊن تي نڪري آيا، جڳهه جڳهه تي جشن آزادي جون ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته ڪالهه جناح اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ يوم آزادي ۽ معرڪه حق جي فتح جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽنهي هٿياربند فوج جا سربراهه شريڪ ٿيا تقريب ۾ وفاقي ڪابينه جي ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن ۽ دوست ملڪن جي سفيرن سميت وڏي انگ ۾ شهري به شريڪ ٿيا. تقريب ۾ ٽنهي هٿياربند فوج تي ٻڌل ميوزڪ بينڊ جو شاندار مارچ پاسٽ ڪيو. جڏهن ته پاڪ آرمي، پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جي دستن سميت پنجاب رينجرز، ايف سي خيبرپختونخواهه جي دستن به مارچ پاسٽ ڪيو يوم آزادي ۽ معرڪه حق جي فتح جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف يادگار معرڪه حق جي ماڊل جي نقاب ڪشائي به ڪئي. جڏهن ته لاهور ۾ ڏينهن جي شروعات تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ فجر جي نماز ۾ ملڪي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحآلي جي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون ويون. ڪوئٽه ۾ به يوم آزادي جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات تي ڪينٽ ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ مسجدن ۾ فجر جي نماز ۾ ملڪ جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. جشن آزادي قائداعظم جي مزار ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريبون پڻ ٿي گذريون.

پنھنجي راءِ لکو