سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پاڪستان جو 78 هون يومِ آزادي ملهايو ويو

شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ پاڪستان جو 78 هون يومِ آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جتي حب الوطني ۽ علمي سرگرمين جو شاندار مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو جشن جو آغاز 14 آگسٽ جي صبح جو سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو قومي جهنڊو ڦڙڪائي ڪيو، جنهن کان پوءِ قومي ترانو پڙهيو ويو ۽ وائيس چانسلر خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيوته اڄ جڏهن اسان جي پيارِي ڌرتي آزادي، قرباني ۽ همٿ جا لڳ ڀڳ اٺ ڏهاڪا مڪمل ڪري رهي آهي، مان اوهان سڀني کي دل جي گهراين سان واڌايون ۽ حب الوطنيءَ ڀريا جذبا پيش ڪريان ٿي. هي ڏينهن رڳو ڪئلينڊر جي هڪ تاريخ نه آهي، پر انهن لکين مردن ۽ عورتن جي، جن هڪ آزاد ملڪ جو خواب ڏٺو ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيو ان کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسين پاڪستان جي آزاديءَ سان گڏوگڏ آپريشن بنيانُ المرصُوص جي ڪاميابي کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ ۽ انهن بهادرن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ به گڏ ٿيا آهيون جن بي مثال همت سان اسان جي ملڪ جي خودمختياري ۽ وقار جو ڀارتي جارحيت خلاف دفاع ڪيو ڊاڪٽر ڀٽو وڌيڪ چيو ته آپريشن بنيانُ المرصُوص اسان جي فوجي ۽ قومي تاريخ جو هڪ فيصلو ڪندڙ باب آهي، جيڪو اتحاد، حڪمتِ عملي، ۽ اعلى عزم جو ثبوت آهي.سندس چوڻ هو ته سيبس يونيورسٽي ۾ ٻن هفتن تائين هلندڙ جشن جون سرگرميون فخر ۽ مقصد سان ڀرپور هيون، جن ۾ علمي سيمينار، شاگردن پاران نمائشون، ڊجيٽل آرڪائيوز، ثقافتي پروگرامن، عام ماڻهن سان رابطن ۽ خراجِ تحسين جون تقريبون شامل هيون.

پنھنجي راءِ لکو