مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي حوالي سان شاندار تقريب منعقد

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي حوالي سان شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري معين الدين صديقي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب دوران وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي ۽ معين الدين صديقي پرچم ڪشائي ڪئي. مھراڻ يونيورسٽي جي پاڻي جي اعلي تحقيقي مرڪز ۾ ٿيل تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي پاران مسلسل چوڏنھن ڏينھن تائين معرڪہ حق ۽ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ڪرايل راندين جي مقابلن، بحث مبحاثن جي مقابلن، سوالن جوابن جي مقابلن، شاعري ۽ آرٽ جي مقابلن جي فاتح شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري معين الدين صديقي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي انعام ورھايا. تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي ڊبيٽنگ ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽي پاران معرڪہ حق جي موضوع تي ڊرامو پيش ڪيو ويو, جڏھن ته پبلڪ اسڪول جي شاگردن پاران قومي گيت پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري معين الدين صديقي چيو ته آزادي جي نعمت جو تحفظ ۽ قدر ڪرڻ گھرجي. پاڪ فوج جي جوانن شڪست فاش ڏئي تازو ئي دشمن کي پنھنجي حيثيت ياد ڏياري آھي. قوم جو جذبو ۽ ڪلمي جي سگھ جوانن سان گڏ آھي. ھن چيو ته پاڪستان جي تخليق ھڪڙو معجزو آھي. ھن چيو ته اڄوڪو ڏينھن اسان جي عظيم شخصيتن کي ياد ڪرڻ جو ڏينھن آھي جن پاڪستان ٺاهيو. دشمن پنھنجي عددي اڪثريت جي زور تي پاڪستان کي شڪست ڏيڻ ٿي چاھي پر سخت مايوسي نصيب ٿين. وائيس چانسلر مھراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته معرڪہ حق اسان جي نوجوانن کي حڪمت عملي ۽ سمجھداري سان جنگ وڙھڻ جي سکيا ڏي ٿو. ھن چيو ته ھن قوم پنھنجي جوانن کي خراج پيش ڪري انھن سان وک وک تي محبت جو اظھار ڪري دشمن کي ٻڌايو آھي ته قوم پنھنجي جوانن سان بيٺل آھي. وائيس چانسلر مھراڻ جي شاگردن ۽ قوم کي 78 ھين آزادي جي جشن تي مبارڪون ڏنيون. ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته اسان ھڪ قوم ٿي ايڪي ۽ ٻڌي سان دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي ھدايتن تي مھراڻ ۾ چوڏھن ڏينھن تقريبون جاري رھيون پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽھڙ، فئڪلٽيز جا ڊينز، مھراڻ يونيورسٽي ۽ پبلڪ اسڪول جا استاد ۽ شاگرد پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا.

پنھنجي راءِ لکو