پريالوء: آزادي جي جشن جا رنگا رنگ پروگرام سڄي ملڪ جيان پريالوء ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. 14 آگسٽ جي حوالي سان مختلف هنڌن تي تقريبون منعقد ڪيون ويون، جتي قومي جهنڊو لهرائڻ سان گڏ قومي ترانا پيش ڪيا ويا انهي موقعي تي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اسڪولن جي شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريبن ۾ آزاديءَ جي اهميت، قربانين جي ياد ۽ ملڪ سان محبت جو پيغام اجاگر ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينر کڻي آزادي جي جشن کي وڌيڪ رنگين بڻايو مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 14 آگسٽ نه صرف خوشي جو ڏينهن آهي، پر اهو ڏينهن انهن شهيدن جي قربانين جي ياد ڏياريندڙ به آهي جن پاڪستان لاءِ پنهنجون جانيون نثار ڪيون.
