صوبائي راڄڌاني پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ پوليس چوڪين تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا رپورٽ موجب پشاور جي ڏوراهين علائقي متني ۾ ناصر باغ پوليس چوڪي ۽ حسن خيل ٿاڻي تي رات دير سان دهشتگردن حملو ڪيو، پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي چوڪي متني اديزئي ۽ ناصر باغ سخي پل جو حملو ناڪام ڪري ڇڏيو جڏهن ته حسن خيل ٿاڻي ۾ پوليس جو دهشتگردن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو ٻئي طرف ڊي پي او موجب لوئر دير ۾ دهشتگردن طرفان ميدان ۾ پوليس جي 2 مختلف چيڪ پوسٽن لاجبوڪ ۽ شداس تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. دير بالا ۾ دهشتگردن ڪوئيڪ رسپانس فورس(ڪيو آر ايف) جي موبائيل تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 اهڪار زخمي ٿي پيا هوڏانهن حسن خيل ٿاڻي تي حملي ۾ شهيد پوليس اهلڪار جهانگير خان جي جنازي نماز شهيد ملڪ سعيد پوليس لائين ۾ پوري سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي، پوليس جي دستي شهيد کي سلامي پيش ڪئي. جنازي نماز ۾ آءِ جي ڪي پي ڪي ذوالفقار حميد، سي سي پي او پشاور قاسم علي خان، پوليس آفيسرن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي.
