عالمي منڊي ۾ تبديلين ۽ ناٽي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ چرپر سبب 16 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 1.40 روپيه في ليٽر اضافي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل(ايڇ ايس ڊي) جي قيمت ۾ 11.50 روپيه في ليٽر تائين جي گهٽتائي جو امڪان آهي رپورٽ موجب موجوده ٽيڪس جي شرح جي بنياد تي باخبر ذريعن ٻڌايو آهي ته حتمي حسابن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ايڪس ڊپو قيمت ۾ تقريبن 4 سيڪڙو گهٽتائي جو اندازو لڳايو ويو آهي جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ تقريبن 0.5 فيصد اضافو ٿي سگهي ٿو. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ گذريل پندرنهن ڏينهن ۾ في بيرل 15 سينٽس جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ڊيزل جي قيمتن ۾ تقريبن 4.5 ڊالر في بيرل جي گهٽتائي ٿي آهي، ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ به ڪافي اضافو ٿيو آهي.
