تفصيلن موجب، سال 2022 ۾، هٿياربند ماڻهن عبدالنبي کوسو نالي هڪ شخص کي سندس زال ۽ نوجوان پٽ جي سامهون گوليون هڻي بي رحمي سان قتل ڪيو، جڏهن ته مقتول جي زال واليتان عرف فاطمه کوسو ۽ معصوم پٽ غلام علي کوسو کي اغوا ڪيو ويو هن افسوسناڪ واقعي ان وقت سڄي ضلعي ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪيو ۽ ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيو بعد ۾، اغوا ٿيل ماءُ ۽ پٽ کي بچايو ويو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻه مکيه جوابدار ڊگهي عرصي تائين فرار رهيا.ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي هدايت ۽ قيادت ۾، ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ فراز علي متلو جديد ٽيڪنالاجي ۽ انساني ذهانت استعمال ڪندي هڪ شاندار آپريشن ۾ ٻنهي مکيه جوابدارن کي گرفتار ڪيو گرفتار ٿيل جوابدارن جا نالا هن ريت آهن: سعيد خان پٽ مراد بخش مرهيٽو وزير احمد پٽ مراد بخش مرهيٽو ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته قانون جي گرفت کان بچڻ ناممڪن آهي، ۽ انصاف جي گهرجن کي هر قيمت تي پورو ڪيو ويندو.
