جشن آزاديءَ ۽ معرقه حق ۾ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ پاران ملھ ، فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٿيو جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان ، اي ڊي سي سيد غضنفر شاه،اسسٽنٽ ڪمشنر تنگواڻي علي رضا بوزدار ، ڊي ايس پي فراز ميتلو ، راندين جي آرگينائيزر ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عبدالقدوس نوناري، عبدالغفار منگي، شهري اتحاد اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. راندين ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن پاڪستان زنده باد ، پاڪ فوج زنده باد نعرا هنيا ۽ پاڪستان جو جهنڊو پڻ ڦڙڪايو ڪنڌڪوٽ اسٽيڊيم اندر راندين ۾ مله ملاکڙو فٽ بال ۽ جشن آزاديءَ ۽ معرقه حق ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٿيو راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ رانديگرن ۾ انعام شيلڊ، ٽرافيون ۽ نقد انعام ڏنا ويا ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل کٽيندڙ روينيو ٽيم کي پڻ نقد انعام ٽرافي پيش ڪئي وئي تقريب جي اختتام تي جشن آزادي جي حوالي سان ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ معرقه حق ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻيندڙ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڀرپور آتشبازي پڻ ڪئي وئي.
