حڪومت شاهد آفريدي سميت راندين سان جڙيل مختلف شخصيتن لاءِ سول اعزاز جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي حڪومت راندين جي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مشهور شخصيتن کي سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي اهي اعزاز اهڙن رانديگرن ۽ شخصيتن کي ڏنا ويندا جن پنهنجي محنت، لڳن ۽ شاندار ڪارڪردگي سان ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو تفصيل موجب حڪومت طرفان اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سميت راندين سان جڙيل 10 شخصيتن کي قومي اعزاز ڏنا ويندا. تفصيل موجب پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، جبل چاڙهو شهزور ڪاشف، ملڪ محمد عطا(مرحوم) گهوڙي سوار کي هلال امتياز سان نواريو ويندو. جڏهن ته اڳوڻي وومين رانديگرياڻي ثنا مير ۽ ڊسڪ ٿرو ۾ حيدر علي کي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو انهي کان علاوه اسڪواش ۾ حمزه خان، شوٽنگ ۾ محسن نواز ۽ ٽينس جي شعبي ۾ راشد ملڪ کي نشان امتياز سان نوازيو ويندو. انهي کان علاوه شاهه زيب رند کي ڪراٽي ۽ محمد سجاد کي ڪوڏي ڪوڏي ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان نواريو ويندو ياد رهي ته حڪومت طرفان رانديگرن کي 23 مارچ 2026 تي يوم پاڪستان جي موقعي تي اعليٰ ترين قومي اعزازن سان نوازيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو