خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ دوران ٿيل نقصان جا تفصيل جاري، 307 ڄڻا فوت، ريسڪيو آپريشن جاري

خيبرپختونخواهه ۾ تازو پيل برساتن ۽ فلش فلڊ سبب ٿيل جاني، مالي نقصان جي شروعاتي رپورٽ پي ڊي ايم اي جاري ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب گذريل 48 ڪلاڪن جي دوران مختلف حادثن ۾ 307 ڄڻا فوت ۽ 23 زخمي ٿيا، فوت ٿي ويلن ۾ 279 مرد، 15 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ 17 مرد، 4 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن پي ڊي ايم اي موجب برساتن ۽ فلش فلڊ جي نتيجي ۾ گڏيل طور تي 74 گهرن کي نقصان پهتو آهي جن مان 63 جزوي طور تي متاثر ٿيا جڏهن ته 11 گهر مڪمل طور تي پٽ پئجي ويا آهن. اهي حادثا صوبي جي مختلف ضلعن سوات، بونير، باجوڙ، تورغر، مانسهره، شانگله ۽ بٽگرام ۾ پيش آيا، سڀني کان وڌيڪ متاثر ضلعا باجوڙ ۽ بٽگرام آهن جڏهن ته صرف بونير ۾ هينئر تائين 184 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته تيز برساتن جو سلسلو 21 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي هدايت تي متاثر ضلعن جي لاءِ فوري طور تي امدادي فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، سمورن ادارن کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي جون ٽيمون مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ صورتحال جي نگراني ڪئي پئي وڃي پي ڊي ايم اي ترجمان چيو آهي ته سياحتي هنڌ تي بند ٿيل شاهراهن ۽ رابطه روڊن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن جڏهن ته عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ هيلپ لائن 1700 تي رابطو ڪن پي ڊي ايم اي جون امدادي ٽيمون، ضلعي انتظاميه، ريسڪيو 1122 ۽ ٻيا ادارا رليف سرگرمين ۾ مصروف آهن، هينئر تائين 3567 ماڻهن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته 3817 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. امدادي سرگرمين ۾ 545 اهلڪار ۽ 90 گاڏيون، ٻيڙيون حصو وٺي رهيون آهن.

پنھنجي راءِ لکو