ڪراچي: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ مهانگائي کي بهترين طريقي سان ڪنٽرول ڪيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ معاشي حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون.
ڪراچي ۾ جاب فيئر ۾ شرڪت کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزير چيو ته جاب فيئر منعقد ڪرڻ هڪ خوشي جوڳو قدم آهي، جتي سرڪاري ۽ نجي ادارا موجود آهن، ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مدد ملندي.
هن زور ڏنو ته معاشي استحڪام لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، ۽ عملي زندگي ۾ ڪو شارٽ ڪٽ ناهي. نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون بهتر انداز ۾ استعمال ڪندي محنت ڪرڻي پوندي.
محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڪم ماحول فراهم ڪرڻ آهي، ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن ڪارپوريٽ سيڪٽر اڳتي اچي.
ناڻي واري وزير چيو ته مائيڪرو استحڪام سان نيون گنجايشون پيدا ٿي رهيون آهن، ۽ ٽن ايجنسيز پهريون ڀيرو پاڪستان تي ڀروسو ڪيو آهي، جيڪو ملڪ لاءِ معاشي ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا ڏيکاريندو.
