خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ: وفاقي مدد جاري، ڪجهه صوبائي بيانن تي عطاءُالله تارڙ جو رد عمل

خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ: وفاقي مدد جاري، ڪجهه صوبائي بيانن تي عطاءُالله تارڙ جو رد عمل
وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته وفاق طرفان خيبرپختونخواهه جي مختلف متاثر ضلعن ۾ مدد پهچائي پئي وڃي، پر ڪجهه صوبائي وزيرن جا بيان افسوسناڪ آهن. نجي چينل جي پروگرام دوران وزير زور ڏنو ته 27هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ بابت ڪو به مسودو يا تجويزون غور هيٺ نه آهن. وفاقي اشتهار ۾ باني پاڪستان ۽ علامه اقبال جي تصوير صرف هڪ اخباري اشتهار تي استعمال ٿي، جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي مهم ۾ جناح ۽ اقبال جي تصوير نه ڏيکاري، جنهن تي وفاق سياست نه ڪئي آهي. ٻوڏ جي صورتحال تي ڳالهائيندي عطاءُالله تارڙ چيو ته وفاقي مدد متاثرن تائين پهچائي پئي وڃي. صوبي ۾ فوتگيون قومي سانحو آهن، پر ڪجهه صوبائي وزيرن جا بيان افسوسناڪ آهن. ياد رهي ته تازو برسات دوران ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب خيبرپختونخواهه ۾ هينئر تائين 328 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

پنھنجي راءِ لکو