ميئر مرتضيٰ وهاب جو گورنر ٽيسوري تي تنقيد – وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ڇنڇر ڏينهن ڪورنگي ۾ ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي تازي بيان تي سخت تنقيد ڪئيميئر وهاب چيو ته گورنر کي ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ گورنر جو عهدو غير سياسي هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو: “گورنر کي پاڪستان زنده باد جو نعرو هڻڻ گهرجي، نه ڪنهن پارٽي جو جهنڊو کڻڻ گهرجي ۽ نه ئي وري ڪنهن پارٽي جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي”گورنر ٽيسوري جي انهي بيان تي، جنهن ۾ هن بهائي جي واپسي ۽ پراڻي ايم ڪيو ايم جي بحالي جي ڳالهه ڪئي هئي، ميئر طنزيه انداز ۾ چيو ته شايد گورنر پاڻ کي ئي بهائي سمجهي ٿو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي فوري طور تي هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجيشهر جي ترقي بابت ڳالهائيندي ميئر چيو ته ڪراچي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ عوام پيپلز پارٽي تي ڀرپور اعتماد ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته “اسان کي پرواهه ناهي ته ڪهڙي يوسي ڪنهن جي آهي، جيڪڏهن اتي ڪراچي جا شهري رهن ٿا ته بلاول ڀٽو جي پارٽي ضرور خدمت ڪندي”مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته نئين حب ڪينال جي تڪميل سان 22 سالن بعد ڪراچي جي بنيادي ڍانچي ۾ سڌارو آيو آهي، جيڪو انهن ماڻهن لاءِ جواب آهي جن صرف واعدا ڪيا پر عملي قدم نه کنيا.

پنھنجي راءِ لکو