نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) خيبرپختونخواهه جي ضلعي لوئر ڪوهستان ۽ سنڌ جي ضلعي بدين ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس تصديق ڪري ڇڏيا آهن. صحت کاتي موجب، ڪوهستان لوئر جي علائقي پٽن ۾ 6 مهينن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن سان خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسز جو انگ 13 ٿي ويو آهي. بنون ۽ لکي مروت مان 3-3، جڏهن ته ٽانڪ ۽ اتر وزيرستان مان 2-2 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. انهي سان گڏ ڊيرا اسماعيل خان، تورغر ۽ ڪوهستان لوئر مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف، سنڌ جي ضلعي بدين مان هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ هينئر تائين پوليو جي ڪيسز جو انگ 21 ٿي ويو آهي. اين اي او سي چيو آهي ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي ۽ بچاءُ صرف ويڪسين سان ممڪن آهي. ملڪ ۾ پوليو مهم پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، ۽ والدين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پنهنجن ٻارن کي ويڪسين جي مڪمل ڪورس ۽ حفاظتي ٽڪن وقت تي ڏنا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ معذوري کان بچائي سگهجي.
