28 سالن پوءِ سنڌي سينما جي واپسي – “انڊس ايڪوز” ناپا ۾ شاندار نمائش

ڪراچي ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (ناپا) ۽ ڪلائيميٽ ايڪشن سينٽر جي تعاون سان سنڌي فيچر فلم انڊس ايڪوز جي خصوصي نمائش ٿي، جيڪا 28 سالن بعد ٺهندڙ پهرين سنڌي فيچر فلم آهيفلم ۾ سنڌو درياءَ سان جڙيل ماڻهن جون ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون آهن—هارين، شاعرن، مهاڻن ۽ عاشقن جي زندگيءَ کي درياءَ جي حوالي سان اجاگر ڪيو ويو آهي. فلم جا ليکڪ ۽ هدايتڪار رسول اعجاز ٻڌايو ته اها مڪمل سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار ڪئي وئي ۽ ان تي انگريزي سب ٽائيٽلز شامل ڪيا ويا نمائش کان پوءِ ٿيندڙ پينل ڊسڪشن ۾ صحافي ۽ ايڪٽويسٽ آفاق ڀٽي ڳالهائيندي چيو ته درياءَ تي ٺهندڙ ڊيم ۽ بيراج، درياءَ لاءِ زخم آهن. هن ٻڌايو ته فلم جا وڏا حصا ڪوٽڙي بيراج ڀرسان فلمايا ويا. ڀٽي جو چوڻ هو ته سنڌ جي تهذيب رڳو سنڌو تائين محدود ناهي، پر سڄي خطي جي دريائي نظام سان جڙيل آهيڪلائيميٽ ايڪشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ياسر دريا به فلم کي اهم قرار ڏيندي چيو ته ٽريلر ڏسي ئي خبر پئي ته هي پروجيڪٽ منفرد آهي. فلم انڊس ايڪوز قومي سطح تي 12 سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي تقريب جي شروعات ڊاڪٽر سعديه عباس (ٽگرز يونيورسٽي) ۽ نيلوفر فرخ جي پرينٽيشن سان ٿي. ڊاڪٽر سعديه چيو ته ماحولياتي تبديليءَ جي مسئلي ۾ هرڪو ذميوار آهي، جڏهن ته نيلوفر فرخ زور ڏنو ته تخيل ۽ تخليقي سوچ ذريعي ئي چيلينجن جا حل ڳولي سگهجن ٿاان موقعي تي “ڪنڪٽنگ ٽرانسفارميٽو انرجيز” عنوان سان هڪ ٻيو پينل ڊسڪشن به ٿيو، جنهن ۾ فلم، تخيل ۽ مستقبل جي منصوبابندي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پنھنجي راءِ لکو