وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا تفصيل موجب زلزلي جا لوڏا جاڙن شهرن اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سوات، ايبٽ آباد ۽ چترال ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو موسميات کاتي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته انهي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش جابلو سلسلي ۾ هو زلزلو صبح 10 لڳي 20 منٽن تي آيو جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي گهرائي 190 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو گهرن، آفيسن ۽ دڪانن تان ڪلمي طيبه جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا شروعاتي رپورٽن موجب زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع نه ملي آهي.
