ڪراچي وري برسات هيٺ! طوفاني مينهن سبب روڊ درياهه، بجلي غائب

ڪراچي ۾ سانوڻي جي طاقتور سسٽم هيٺ ٻيهر تيز برسات وسڻ شروع ٿي وئي، جنهن سبب شهر جي گهڻن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ٻنپهرن کان پوءِ ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ سرجاني ٽائون، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، قيوم آباد، گلستان جوهر، ملير، شاهراهه فيصل، ناظم آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪارو شروع ٿي ويو مينهن سبب شهر جا وڏا روڊ ۽ گهٽيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون، جڏهن ته گلشن حديد ۾ هڪ ڪلاڪ جي برسات کان پوءِ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ماڻهو پنهنجو قيمتي سامان محفوظ ڪرڻ ۾ لڳي ويا ٽريفڪ به سخت متاثر ٿي وئي، حسن اسڪوائر، نيپا، لياقت آباد، ڪارساز، ڪورنگي ۽ ايڪسپريس وي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي گڏ ٿيڻ سبب گاڏين جي لائينون لڳي ويون 600 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي، ڪي اليڪٽرڪ ٽيڪنيڪل ٽيمون اڃا به بحالي شروع نه ڪري سگهيون آهن. انڊر گرائونڊ ڪيبل فالٽس ۽ سب اسٽيشن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ سبب به فراهمي متاثر ٿي رهي آهي سنڌ سيڪريٽريٽ جي بيرڪ نمبر 84 جي ڇت ڪري پئي، خوشقسمتي سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ، ريسڪيو ٽيمون متحرڪ رکڻ ۽ ميئر ڪراچي کي پاڻي نيڪال لاءِ مشينري فوري طور تي تيار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. موسميات کاتي ايندڙ 3 ڏينهن ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي به ڪري ڇڏي آهي.

پنھنجي راءِ لکو