تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان مختلف جڳهن ٿان ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون موبائل فون ۽ روڪ رقم ايس ايڇ اي سيڪشن علي نواز سبزوئي ۽ ون فائيو انچارج حفيظ جاگيراڻي رڪور ڪرائي اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون انهي موقعي ته ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ فراز ميتلو ۽ ايس ايڇ اي سيڪشن علي نواز سبزوئي ون فائيو انچارج حفيظ جاگيراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهن ۾ گهربل غلام عباس پٽ محمد بچل مڻيڪ ۽ محمد امين پٽ محمد قاسم رند جيڪي مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهن سندس کي بغير لائيسنس پسٽلن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي ڊي ايس پي وڌيڪ چيو ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون پڻ رڪور ڪري اصل مالڪن ڪيون ويون آهن جنهن ۾ جوڳي باجڪاڻي ۽ شڪيل احمد لولائي ۽ ڦر ٿيل موبائيل علي حسين ڀنگوار حوالي پڻ ڪيون ويون آهن ڊي ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهر ۾ امن امان جي فضا کي برقرار رکڻ لاء پوليس ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ شهر واسين کي گذارش آهي ته پوليس سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ ڏوهي سرگرمين ۾ ڪنهن به ماڻهو کي ڏسن فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڪن جئين ڏوهن ته مڪمل ضابطو آڻي سگهجي
