ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ معمول واري زندگي مفلوج، ڪيترائي روڊ اڃان تائين پاڻي هيٺ، گاڏيون بند، شهري گهرن تائين محدود

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ٿيل برسات کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ معمول واري زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي جڏهن ته اڃان تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي، شهر جي ڪيترن ئي روڊن تي اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي رپورٽ موجب پاڻي جمع ۽ کڏا پئجي وڃڻ سبب ايئرپورٽ کان شاهراهه فيصل ويندڙ ٽريڪ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ٽريفڪ کي اسٽار گيٽ کان شاهراهه فيصل طرف موڙيو پيو وڃي. ماڊل ڪالوني کان شاهراهه فيصل تي اڃان تائين ڪيتريون ئي گاڏيون خراب حالت ۾ موجود آهن. ناظم آباد نمبر 1 انڊر پاس، ناظم آباد نمبر 2 انڊر پاس، لياقت آباد انڊر پاس، ناظم آباد انڊر باءِ پاس کان حبيب بينڪ ۽ حبيب بينڪ کان لياقت آباد مين حڪيم ابن سينا روڊ ٽريفڪ لاءِ بند آهي. انهي کان علاوه سهراب ڳوٺ انڊر باءِ پاس به بند آهي شفيق موڙ کان ايندڙ ٽريفڪ کي انڊر پاس جي مٿان کان اماڻيو پيو وڃي گذريل ڏينهن سانوڻي جي طاقتور سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ تيز برسات پئي جنهن سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال پيدا ٿي وئي ڀتون ڪرڻ جي واقعن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. تيز برسات سبب شهر جي مُک روڊن سان گڏوگڏ گهٽين ۾ پاڻي جمع ٿي ويو هو. گلشن حديد ۾ هڪ ڪلاڪ جي پوندڙ برسات سبب گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون ۽ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو هو ڪراچي ۾ برسات دوران مختلف واقعن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، گلستان جوهر بلاڪ 12 جي ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، اورنگي ٽائون سيڪٽر خليل مارڪيٽ اقصيٰ مسجد ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 9 ورهين جو ٻار عبدالله ولد عباس فوت ٿي ويو. انهي کان علاوه ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ نوجوان سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

پنھنجي راءِ لکو