ڪراچي: ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ايم اي جناح روڊ تي ڦٽاڪن جي گودام ۾ زور ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا رپورٽ موجب ايم اي جناح روڊ جي ڀرسان ڦٽاڪن جي گودام ۾ باهه سبب هڪ رڪشو به متاثر ٿيو، دونهين جا ڪڪر به پري پري تائين نظر اچي رهيا آهن. اطلاع ملندي ئي ڪي ايم سي فائر برگيڊ جا 5 فائر ٽينڊر، هڪ اسنارڪل ۽ هڪ بائوزر روانو ڪيو ويو آهي، واقعي واري هنڌ تي پوليس ۽ رينجرز جي نفري رواني ڪئي وئي آهي،حادثي کان پوءِ ايس ايس يو ڪمانڊوز واقعي واري هنڌ پهچي ويا جيڪي ٻين ريسڪيو ادارن سان گڏ رليف آپريشن ۾ مصروف ٿي ويا، ڇت تي ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي،ايس ايس پي سائوٿ ٻڌايو ته ڌماڪي کان پوءِ گودام ۾ باهه لڳي وئي، ڦٽاڪن جي گودام ۾ پهريان زوردار ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته ڦٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪي سبب ڀرپاسي ۾ موجود دڪانن ۽ عمارتن کي سخت نقصان پهتو. ڌماڪي سبب ڪيترين ئي عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا، ڪيترائي ماڻهو شيشا لڳڻ سبب زخمي ٿيا. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته 27 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمي ٿيل 13 ڄڻن کي جناح ۽ 7 ڄڻن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو
