ڪراچي ۾ برسات وقفي وقفي سان ٿئي ها ته ايترا مسئلا نه وڌن ها: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات وقفي وقفي سان ٿئي ها ته ايترا مسئلا نه وڌن ها،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ هڪ ڏيڍ ڪلاڪ برسات پئي جنهن سان ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪڏهن برسات وقفي وقفي سان پوي ها ته ايترا مسئلا نه وڌن ها،هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير، ڪمشنر ۽ عملي سميت ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب روڊن تي نظر آيا، انهن ڏينهن رات پاڻي نيڪال جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ شهر جا دورا ڪيا،سينئر وزير چيو ته شهرين کي جهڙي قسم جي اذيت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي سنڌ حڪومت انهي تي معذرت خواهه آهي. بلديات کاتي مُک برساتي نالن جي اڳواٽ صفائي ڪرائي هئي پر جڏهن پاڻي جي مقدار وڌيڪ هوندي ته نيڪال ۾ وقت لڳندو، انڊر پاسز تي برسات جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ مشينري لڳل هئي،هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي جيڪا تڪليف ٿي آهي انهي ڳالهه جو احساس اسان سڀني کي آهي پر ائين لڳي رهيو هو ته اسان سان به زيادتي ڪئي پئي وڃي، شهر ۾ وڌيڪ فوتگيون بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب ۽ ڪجهه ڀتيون ڪرڻ سبب ٿيون آهن،شرجيل ميمڻ چيو ته تازين برساتن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪوتاهي ڪي اليڪٽرڪ جي سامهون آئي، مختلف علائقن ۾ 48 ڪلاڪن تائين بجلي جي فراهمي معطل رهي، حيدرآباد شهر ۾ به حيسڪو جي نااهلي رهي جنهن لاءِ ناصر حسين شاهه سڀني سان رابطي ۾ آهي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ ٻيو ڪوبه صوبو نه بڻجندو هن وقت نوان انتظامي يونٽس ٺاهڻ جو معاملو اجايو آهي، اسان اجاين ڳالهين تي جواب نه ڏينداسين، جڏهن اهو معاملو سامهون ايندو ته اسان جي پارٽي انهي تي مشورو ڪندي، مشوري کان پوءِ جيڪي ڳالهيون سامهون اينديون اهي سڀني کي ٻڌائينداسين.

پنھنجي راءِ لکو