ڪشمور: نينگري ستارا لاشاري جو سهرن جي زيادتين خلاف احتجاج

ڪشمور لڳ ڳوٺ جلال الدين کوسو جي رهواسڻ نينگري ستارا لاشاري پنهنجي والدين سان گڏ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته سندس سهرن کيس ناحق تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

ستارا جو چوڻ هو ته سھورو گهرام لاشاري، مير لاشاري ۽ عبدالقادر لاشاري بنا ڪنهن ڏوھ جي کيس رسن سان ٻڌي سخت مارڪٽ ڪئي، جڏهن ته والد جي پهچڻ تي کيس آزاد ڪرايو ويو.

ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي کان پوءِ جڏهن اسان ڪشمور ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عدالت رجوع ڪيو ۽ ايڊيشنل جج ڪشمور طرفان ايف آءِ آر لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو ويو.

ستارا ۽ سندس والدين چيو ته ان باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري، بلڪه جوابدار کين قتل جي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته انصاف فراهم ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سندن جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو