ڪشمور: پرائمري اسڪول شير محمد نائچ ۾ ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور، بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ

ڪشمور: پرائمري اسڪول شير محمد نائچ ۾ ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور، فرنيچر ۽ صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ


ڪشمور (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ــ ڪشمور لڳ ڳوٺ شير محمد نائچ ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول شير محمد نائچ تعليمي زبون حالي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، جتي معصوم ٻارڙا کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. اسڪول جي موجوده عمارت جهيڻي ۽ زبون حال هجڻ ڪري ڪنهن به وقت ڪنهن وڏي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جڏهن ته تعليمي عمل لاءِ ضروري فرنيچر، واٽر سپلاءِ ۽ صاف پاڻي سميت سموريون بنيادي سهولتون ناپيد آهن.

استادن ۽ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا کين انتظاميا کي آگاهي ڏني وئي آهي، پر ان جي باوجود اڄ تائين اسڪول جي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪا به عملي ڪوشش نه ٿي آهي. ان ڪري شاگرد سخت تڪليفن ۽ ڏکيائن کي منهن ڏئي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن جو سڌو اثر سندن مستقبل تي پئجي رهيو آهي.

والدين ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا اسڪول جي حالت بهتر نه ڪندا ته ڳوٺ جا ٻار تعليم کان محروم ٿي سگهن ٿا، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ وڏو نقصان هوندو. استادن جو چوڻ هو ته تعليم بنيادي حق آهي، پر بدقسمتي سان ٻارڙا انهيءَ حق کان محروم ٿي رهيا آهن.

مقامي ماڻهن، والدين ۽ استادن اعليٰ اختيارين، تعليم کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي، فرنيچر ۽ صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، جيئن ٻارن کي محفوظ ۽ سازگار ماحول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ سندن مستقبل سان انصاف ٿي سگهي.

پنھنجي راءِ لکو