ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ مبينه ڪرپشن، بدانتظامي ۽ مريضن سان ناانصافين خلاف جسقم ۽ جساف ڪنڌڪوٽ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج جي اڳواڻي والي ڏنو جسقم، تعلقه اڳواڻ بشير خان، رفيق لاشاري، سراج سنڌي، بشام باجڪاڻي، رفيق سنڌي، آفتاب سنڌي، نبي بخش، حفيظ ملڪ، پرويز سبزوئي، مشتاق سنڌي ۽ عرفان ڪئي.
اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته نئين مقرر ٿيل ڊي ايچ او اعجاز احمد شاه ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. سندن چوڻ هو ته اسپتال ۾ 121 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ويزا تي ٻاهر هليا ويا آهن، سرڪاري اسپتالن لاءِ ايندڙ دوائون مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن، جڏهن ته غريب مريضن کي رڳو ٻه ٽي گوريون ڏنيون وڃن ٿيون.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسپتال جا فنڊ به هڙپ ڪيا ويا آهن، ڊي ايچ او صاحب صرف ميٽنگن ۽ فوٽو سيشن تائين محدود آهي، عملي ڪم بلڪل بند پيل آهي.
سندن مطالبو هو ته ڊپٽي ڪمشنر، اينٽي ڪرپشن کاتو ۽ نيب فوري طور تي ڪرپشن جي مڪمل انڪوائري ڪن، ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ۽ سخت ترين احتجاج ڪيو ويندو.
