ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران نون صوبن جي قيام جي حمايت جو اعلان

ڪراچي: متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام واري تجويز جي حمايت ڪندي چيو آهي ته انتظامي بنيادن تي نوان صوبا ٺاهڻ سان عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ۽ سٺي گورننس کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ ۽ عالمي تنظيمي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج زاهد ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته نون صوبن جي قيام سان وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ممڪن ٿيندي، جڏهن ته هٿ ٺوڪيل نظام کي جڙ کان ختم ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي هن چيو ته نئون انتظامي نظام پاڪستان لاءِ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ عوام کي موجوده ٻوڏ ۽ ٻين مسئلن جي روشني ۾ نون صوبن جي جوڙجڪ ذريعي ئي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون۔

پنھنجي راءِ لکو