اينٽي ڪالاباغ ڊيم تحريڪ جي پھرئين شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي جي 27هين ورسي حيدرآباد ۾ ملھائي وئي

حيدرآباد ۾ اينٽي ڪالاباغ ڊيم تحريڪ جي پھرئين شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي جي 27هين ورسي جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو. ورسي تقريب جي شروعات شھيد جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهڻ ۽ دعا سان ڪئي وئيتقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اڄ کان 27 سال اڳ جڏهن سنڌو درياءَ تي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو پيش ٿيو، تڏهن سنڌ ڌرتيءَ جي دلير پٽ مظھر جتوئي ان منصوبي خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ جدوجهد ڪندي سر ڏنو. شهيد مظھر جتوئي جو ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ امر آهي، اڄ به اهڙن هيرن جهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ تي شهيد کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿواڳواڻن وڌيڪ چيو ته 27 سال گذرڻ باوجود اڄ به ساڳي صورتحال آهي ــ سنڌ جي زمينن، معدنيات، وسيلن ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هلي رهيو آهي. هنن الزام هنيو ته پيپلزپارٽي وفاق سان گڏجي سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪري رهي آهي. اقتدار جي لالچ ۾ سنڌو درياءَ جو پاڻي، زمينون ۽ وسيلن کي وفاق حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جو ڪردار منافقت تي ٻڌل آهي ۽ اها ڌرتي سان غداري ڪري رهي آهياڳواڻن خبردار ڪيو ته سنڌ حڪومت کي زمينن، معدنيات ۽ وسيلن کي ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي وڪڻڻ نه ڏيندا. سنڌ جي زمينن تي هارين ۽ مزدورن جو حق آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ کسي نه سگهجي ٿوتقريب ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي حڪومت ۾ آهي، پر عوام کي ڪرپشن، بدامني، مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه به نه مليو آهي. تازين برساتن بعد سنڌ حڪومت جي نااهلي وائکي ٿي وئي آهي ــ ڪراچي سميت هر شهر ٻڏي ويو، ماڻهو بي يارو مددگار رهيا پر حڪومت ڪو عملي قدم نه کنيوتقريب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته نوجوانن جي مستقبل سان به وڏو ڌوڪو ٿيو آهي، ميرٽ لتاڙيو ويو، ڊگريون پاس ڪيل هزارين نوجوان بيروزگار رهيا جڏهن ته لکين رپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون ويون. سنڌ هاري ڪاميٽي اعلان ڪيو ته جلد اجلاس ڪوٺائي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن تي قبضن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف نئين جدوجهد جو آغاز ڪيو ويندو.ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جا اڳواڻ جبار باغي، ڪامريڊ محبوب حيدر، ولي محمد برهماڻي، سلطان بلوچ ۽ ٻين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو