باني پي ٽي آءِ جي فيملي ميمبرن کي گرفتار ڪري سياسي ڇڪتاڻ وڌائي پئي وڃي: بيرسٽر گوهر

پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته جڏهن به اسين سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، تڏهن گرفتاريون شروع ٿي وينديون آهنعليمه خان جي ٻنهي پٽن جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي فيملي کي نشانو بڻائي سياسي ماحول کي وڌيڪ تڪراري بڻايو پيو وڃي. ڪالهه عليمه خان جو پٽ شاھ ريز عظيم گرفتار ٿيو، ۽ اڄ سندس ٻيو پٽ شير شاهه خان به گرفتار ڪيو ويو آهيبيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ کي اڪيلي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، کين اخبارون به نه ڏنيون پيون وڃن. هن خبردار ڪيو ته اهڙين حرڪتن سان عوام ۾ نفرت وڌنديياد رهي ته عدالت عليمه خان جي پٽ شاھ ريز عظيم جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو آهي، جڏهن ته شير شاهه خان کي به گهر ويجهو گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو والد سان گڏ عدالت مان واپس اچي رهيو هو

پنھنجي راءِ لکو