آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج بلوچ عوام سان ڪلهو ڪلهي سان گڏ بيٺل آهي، بلوچستان ۾ امن، استحڪام، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي لاءِ اسان پرعزم آهيون.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف تربت جو دورو ڪيو جتي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر بلوچستان سندس استقبال ڪيو. جنرل عاصم منير جوانن جي بلند حوصلي ۽ آپريشنل تيارين جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ فوجي جوانن جي ڪردار کي ساراهيوآءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دوري جو مقصد موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ هو. فيلڊ مارشل کي “فتنته الهندستان” جي خلاف ڪامياب آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ تربت ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي به تفصيل سان آگاهي ڏني وئيدوري دوران آرمي چيف بلوچستان جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين سول نمائندن سان ملاقات ڪئي، جتي سيڪيورٽي، ترقياتي قدمن ۽ سول-عسڪري هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. آرمي چيف چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ عوامي مفاد تي ٻڌل جامع ترقي ضروري آهي هن واضع ڪيو ته بلوچستان جي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ سول ۽ ملٽري ادارن جي گڏيل ڪوششون ناگزير آهن. هن بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.فوجي جوانن کي خطاب ڪندي جنرل عاصم منير انهن جي حوصلي، عملي تيارين ۽ قومي خودمختاري جي حفاظت لاءِ غير متزلزل عزم جي تعريف ڪئي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ به جوانن جو ڪردار امن ۽ استحڪام قائم رکڻ ۾ نهايت اهم آهي.
