ڪراچي ۾ ڀارتي ايجنسي را جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو

ڪراچي ۾ دهشتگردن لاءِ قائم را جو محفوظ سيف هائوس ۽ ان سان جڙيل وڏو نيٽ ورڪ سي ٽي ڊي طرفان پڪڙيو ويو آهي. پوليس موجب، نيٽ ورڪ ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هوايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته 18 مئي 2025 تي بدين ۾ هڪ فلاحي ڪم ڪندڙ شخص جو قتل ٿيو، جنهن جي جاچ دوران 8 جولاءِ تي 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. انهن کان جاچ دوران ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو نيٽ ورڪ ظاهر ٿيو جاچ موجب، را جو ايجنٽ سنجي ڪمار عرب رياست مان پاڪستاني نوجوانن سلمان ۽ ارسلان کي ايجنٽ بڻايو. بعد ۾ انهن سان گڏجي سجاد، عبيد ۽ شڪيل تي ٻڌل هڪ ٽارگيٽ ڪلر گينگ ٺاهي وئي، جنهن کي مالي مدد ۽ هٿيار به را فراهم ڪياسي ٽي ڊي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان پستول، 125 مارٽر شيل ۽ بم هٿ آيا. جوابدارن اعتراف ڪيو ته اهي را جي مقامي ايجنٽ طور ڪم ڪندا رهيا آهن. انهن جي ٽريول هسٽري ۽ اڳين گرفتاريون به رڪارڊ تي آهن ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان موجب، ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي جو ماسٽر مائينڊ سنيجو ڪمار عرف فوجي هو، جنهن منصوبه بندي پرڏيهي ملڪ مان ڪئي. هن چيو ته قتل واري واقعي تي ڀارتي ميڊيا جشن ملهايو، جيڪو واضح ثبوت آهي ته ان ۾ را سڌي ريت ملوث هئي.

پنھنجي راءِ لکو