نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بنگلاديش روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزارت موجب، هي دورو بنگلاديشي حڪومت جي دعوت تي ٿي رهيو آهي ۽ 13 سالن کان پوءِ ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير جو پهريون دورو آهي دوري دوران اسحاق ڊار بنگلاديش جي اعليٰ قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ سفارتي لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون. نائب وزيراعظم بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ۽ پرڏيهي معاملن جي ايڊوائزر محمد توحيد حسين سان به ملاقاتون ڪندو هن دورو ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، گڏيل مفادن ۽ علائقائي توڙي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو امڪان آهي. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هي دورو پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي
