پشاور (اسٽاف رپورٽ) ــ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي ورتل حلف آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي هو، ان ڪري سڀاڻي آئين موجب ٻيهر حلف ورتو ويندو.اسپيڪر بابر سليم سواتي صحافين سان ڳالهائيندي وضاحت ڪئي ته اسيمبلي ميمبرن کان حلف وٺڻ اسپيڪر جي آئيني ذميواري آهي، ۽ مون ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته مان حلف نه وٺندس. هن چيو ته گذريل اجلاس ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب ملتوي ڪيو ويو هو، جنهن جو سياسي فائدو ڪجهه ڌرين وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته “25 مخصوص سيٽن تي گورنر جو ورتل حلف مڪمل طور غير آئيني هو، ان عمل خلاف مون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط به لکيو آهي، هاڻي سڀ ڪجهه آئين ۽ قانون مطابق ڪيو ويندو.”برسات سبب ٿيل نقصانن بابت ڳالهائيندي بابر سليم سواتي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا گڏجي متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاڻ متاثر علائقن جو دورو ڪري ماڻهن جا مسئلا ٻڌا. هن اعلان ڪيو ته “متاثرين جي مالي امداد ٻيڻي ڪئي وئي آهي ته جيئن ماڻهن کي آساني ملي سگهي.”ياد رهي ته 20 جولاءِ 2025 تي 25 مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر هائوس پشاور ۾ تقريب دوران حلف ورتو هو، جنهن ۾ عورتن ۽ اقليتي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي شامل ڪيو ويو. پر جڏهن اسيمبلي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبر شير علي آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ته اجلاس ملتوي ٿي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو ويوانهي دوران، اپوزيشن پارٽين پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو، ۽ عدالت گورنر کي حلف کڻائڻ جو حڪم ڏنو. پر اسپيڪر بابر سليم سواتي جو موقف آهي ته اهو عمل غير قانوني هو، تنهن ڪري سڀاڻي آئين جي مطابق ئي ٻيهر حلف ورتو ويندو.
